- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، آپريشن عزِم استحڪام جي مخالف ڪندي چيو آهي ته آپريشن عزمِ استحڪام، آپريشن عدم استحڪام ثابت ٿيندو جيڪو ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو.
ڪوئيٽا ۾ نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، اصغر اچڪزئي، خوشحال خان ڪاڪڙ، عبدالخالق هزارا سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي هر شعبي ۾ پنهنجي بالادستي ختم ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته آپريشن عزمِ استحڪام، آپريشن عدم استحڪام ثابت ٿيندو جيڪو ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ برابر جا شهري آهن، پر ملڪ رياستي عملداري نه هجڻ برابر آهي، ڪي پي ۾ سج لهندي ئي پوليس ٿاڻن ۾ بند ٿي ويندي آهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته اجلاس ۾ ورديءَ وارو هوندو ته فيصلا اهو ڪندو ته ٻيا ڇا ڪندا؟ رڳو ذميواري مٿن وڌي ويندي.- Advertisement -
