- Advertisement -
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، بارودي مواد ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪار تي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مقامي ماڻهن سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي واکاڻ ڪئي، پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
