- Advertisement -
ڀارت ۾ ٽي فٽ قد رکندڙ نوجوان ڊاڪٽر بڻجي ويو.
هندستان ٽائمز موجب ڀارتي رياست گجرات ۾ 23 ورهين جو نوجوان گنيش برايا غيرمعمولي قيد جي باوجود پنهنجو ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو
ٽي فٽ جي گنيش برايا کي شروعاتي طور تي ميڊيڪل ڪونسل آف انڊيا ايم بي بي ايس ۾ داخلا لاءِ نااهل قرار ڏيندي چيو هو ته ننڍي قد جي ڪري هو ايمرجنسي ڪيس نه ٿو سنڀالي سگهي.
گنيش ان باوجود همٿ نه هاري ۽ هو پنهنجو خواب پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي اسڪول جي پرنسپل سان گڏجي ضلع ڪلڪٽر ۽ رياسي تعليم واري وزير جي مدد طلب ڪئي.
گنيش برايا ميڊيڪل ڪونسل آف انڊيا خلاف گجرات هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو جتي هو ڪيس هارائي ويو پر سندس عزم ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي.
هن فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، 2018ع ۾ ڪيس کٽيو ۽ آخر ڪار 2019 ع ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو .
گنيش برايا ايم بي بي ايس کانپوءِ بهاولنگر جي اسپتال ۾ انٽرنشپ به ڪري چڪو آهي، سندس چوڻ آهي ته مريض کيس ڏسڻ بعد حيران ۽ پريشان ٿي وڃن ٿا پر علاج لاءِ کيس قبول ڪن ٿا …….- Advertisement -
