تازه ترين

احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني  فوج ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي ڪنهن جي ايجنڊا پوري ڪري رهيو آهي؟

- Advertisement -
وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني  فوج ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي ڪنهن جي ايجنڊا پوري ڪري رهيو آهي.؟ ظفر وال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته مولانا فضل الرحمان وٽان ٻڌو هو ته پي ٽي آءِ باني اسرائيلي لابي جو ايجنٽ آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي سياست جو هڪ نقطو آهي ته پاڪستان جي معيشيت کي تباهه ڪيو وڃي ۽ آءِ ايم ايف کي ميلز ڪيا پيا وڃن ته پاڪستان سان معاهدو نه ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته  هاڻي ڪو به پاڪستاني وساري نٿو سگهي ته پي ٽي آءِ باني پروجيڪٽ جو ماسٽر مائنڊ ڪير آهي، پي ٽي آءِ باني ماڻهن کي اسلامي ٽچ ڏئي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي جنهن جو مقصد پاڪستان اسرائيل لاڳاپا ٺاهڻ آهي. احسن اقبال چيو ته  هو پنجاب واسين کي مبارڪون ڏئي ٿو ته انهن جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي، اوهان آئين ٽوڙيندڙ آهيو ڪهڙي آئين جي ڳالهه ٿا ڪريو، ست مهينا اوهان فيصلا به نه مڃيا. وفاقي وزير چيو ته عدليه ۾ موجود سياسي ايجنڊا وارن کي به هوش مان ڪم وٺڻ گهرجي، ڪشمير۽ فلسطين سندن ٻه اهڙا موقف آهن، پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، پاڪستان جي فوجي ۽ سياسي قيادت ملڪ جي مستقبل سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏيندي. احسن اقبال چيو ته اسرائيلي اخبار ۾ اهو ٽيون ڀيرو مضمون آهي جيڪو پي ٽي آءِ باني جي حمايت ۾ ڇپيو آهي، گولڊ سمٿ سان پي ٽي آءِ باني جو رشتو مضبوط آهي، پي ٽي آءِ باني پاڪستانين سان لاڳاپا ٽوڙي گولڊ سمٿ خاندان سان جوڙِيا، پي ٽي آءِ باني مهم هلائي ته صادق خان کي ميئر لنڊن لاءِ ووٽ نه ڏنو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
46 %
2.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون