تازه ترين

احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر

- Advertisement -
احمدپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهي، هٿياربند هٿيارن جي زور تي نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا. وڏا مھيسر ٿاڻي جي حد عالي واھه وٽان هٿياربند هٿيارن جي زور تي نعيم جوڌ کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. ڦر جي اطلاع باوجود وڏا مھيسر ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي. سڄاڻ ڌرين ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته وڏا مھيسر ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي آھي حد جي پوليس علائقي ۾ گشت نٿي ڪري جنهنڪري ڏوھاري آساني سان ڦر لٽ ڪري فرار ٿي وڃن ٿا. 2ڏينهن اڳ ھٿياربند هٿيارن جي زور تي وڏا مھيسر ٿاڻي جي پوليس اھلڪار عبدالغني ناريجو کي يرغمال بڻائي تشدد بعد موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ھئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
7 %
6.9kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون