تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف آچر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف آچر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو، جتي هو وچ اوڀر جي صورتحال بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي غور لاءِ سعودي عرب ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف آچر ڏينهن سعودي عرب روانو ٿيندو. ذريعن موجب، وزيراعظم سعودي عرب ۾ ٿيندڙ او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ 11 نومبر تي  شرڪت ڪندو ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي غور لاءِ سعودي عرب ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فلسطين ۽ لبنان سميت خطي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اسلامي ملڪن جا سربراهه وچ اوڀر جي صورتحال بابت تجويزون ڏيندا. ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون به طئي ڪيون پيون وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاران سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد آذربائيجان وڃڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، آذربائيجان ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي گڏيل قومن جي نگراني ۾ موسمياتي تبديلي بابت ڪاپ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
10 %
4.6kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون