- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن کي سنڌ طاس معاهدي تي حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ آهي، صوبي ۾ يا ته برساتي ٻوڏ يا وري ڏڪار جهڙيون حالتون هونديون آهن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ذريعي سنڌ طاس معاهدي تي ٽيون حملو ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ پاڻي جي محروم کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، پ پ کي سنڌ ۾ پاڻي جي مسئلن تي تمام گهڻا خدشا آهن.
سينيٽ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ تجويز جي ترميمن تي سنڌ کي خدشا آهن.
هن چيو ته ترميمون ارسا ايڪٽ ۽ پاڻيءَ جي ورڇ تي واضح حملو آهن، هڪ سال اندر ارسا تي اهو ٽيون حملو ڪيو ويو.
شيري رحمان چيوته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کان نئين ڳالهه ناهي، هڪ پاسي چوماسي جون برساتون ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي ڏڪار اچي ٿو، ڏڪار سان زراعت ۽ انساني زندگين تي اثر ٿيندو آهي.
پ پ سينيٽر چيو ته سنڌوءَ جي مٿانهن علائقن ۾ منصوبن سبب ڪوٽڙي بئراج تي 60 کان 70 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي وڃي.
شيري رحمان چيو ته سنڌ خدشن باوجود 91ع واري پاڻي ٺاهه کي قبول ڪيو، پر ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن بابت صوبن کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.
پ پ سينيٽر چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمون آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل خلاف آهن.
شيري رحمان چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو گهر آهي، ان صوبي جي ڳالهه ٻڌڻ کانسواءِ ترميم آندي پئي وڃي، صوبي جي پاڻيءَ جي محروميءَ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
پ پ سينيٽر چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو آهي، هي رڳو آئيني نه پر ماڻهن جي زندگيءَ جو معاملو آهي.
شيري رحمان چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، دنيا ۾ هائڊرو سائنس موجب- Advertisement -
