تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

جي ڊي اي ۽ هم خيال پارٽين ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن کي رد ڪري 19 سيپٽمبر تي سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان

- Advertisement -
جي ڊي اي ۽ هم خيال پارٽين ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن کي رد ڪري 19 سيپٽمبر تي سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي،  اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ارسا ايڪٽ سنڌ جي پاڙي تي ڌاڙي جي سازش آهي، سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءُ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ هم خيال پارٽين جو اجلاس ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ هائوس ڪلفٽن ۾ صدرالدين شاهه راشدي ۽ زين شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي، اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي، قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجي، جڳديش آهوجا، پي ٽي آءِ اڳواڻ علي پلهه، رضوان خانزاده، جماعت اسلامي جي محمد حسين محنتي،  حريف چانڊئي، روشن ٻرڙي، سردار عبدالرحيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو . اجلاس کانپوءِ اڳواڻن ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن کي رد ڪري 19 سيپٽمبر تي سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو. ڊاڪٽر صفدر عباسي ڳالهائيندي چيو ته 91 واري پاڻي ٺاهه تي ان وقت به کين اعتراض ھئا پر ان کي قبول ڪيو ويو، جولاءِ ۾ ٿيل اجلاس دوران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سي سي آءِ ۾ ترميم جي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ جي تيل، گيس، زمين  ڪوئلي ۽ ڪوسٽل بيلٽ جي ڦرلٽ بعد ھاڻي سندن جياپي جو ذريعو پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ چاهي ٿي. سندس چوڻ هو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان سنڌ جي زراعت تباھ ٿيندي پر پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو، ڪي فور جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻي ڪٿان آڻيندا. سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته ارسا ھڪ آزاد اٿارٽي آھي، جيڪا سي سي آءِ سان گڏجي ڪم ڪري ٿي، ھن وقت جيڪو سسٽم موجود آھي ان لاءِ به پاڻي گهٽ آھي،  سنڌ جي 30 لک ايڪڙ زمين ۽ 2 ڪروڙ 50 لک آبادي سمنڊ تائين پاڻي نه پھچڻ سبب تباھ پئي ٿئي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف 19 سيپٽمبر تي احتجاج ۾ سڀني کي گڏ ڪندا. لياقت جتوئي چيو ته صدر ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کان اڳ صوبن کي توڙي سي سي آءِ کي اعتماد ۾ به نه ورتو، کيس استعيفيٰ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صوررتحال خراب آھي، هتي رڳو پئسا ڪمائڻ جي ڳالهه هلي پئي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي جو چوڻ هو ته پ پ حڪومت سنڌ جي زمين ۽ پاڻي وڪرو ڪري پئي، پنجاب کي روشن ڪري سنڌ کي تباھ پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهو پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان سنڌ بڻجر بڻجي ويندي. سندس چوڻ هو ته سنڌ اسميمبلي  جيڪو ٺهراءَ ھڪ ڪلاڪ ۾ پاس ڪيو آهي اھو سندن جدوجهد جو  نتيجو آھي، اسمبلي زرداري کان استعيفي جو ٺهراءُ منظور ڪري نه  ته اھو ٺهراءُ به فراڊ سمجهيو ويندو. محمد حسين محنتي جو چوڻ هو ته چئن صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ تي سدائين مسئلا ٿيندا رھيا آھن، ھن وقت صدر غير آئيني اجلاس ڪوٺايو آھي، جيڪي معاملا وزيراعظم ۽ اسميبلين جا آھن، اھي صدر ڪري غلط روايت وڌي آھي، هو ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به ترميم قبول نه ڪندا، حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪندا. پي ٽي آءِ اڳواڻ علي پلهه چيو ته سي سي آءِ ۾ سنڌ جو مميبر مراد علي شاهه آھي، کيس اجلاس ۾ نه گهرايو ويو، آصف زرداري سنڌ سان غداري ڪئي آھي، کيس فورن استعيفي ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪري سنڌ کي سوڪهڙي کان بچايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
25 %
4.7kmh
1 %
اڱارو
25 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون