ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمين جي نيلامي خلاف جي ڊي اي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

- Advertisement -
ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمين جي نيلامي خلاف جي ڊي اي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. جي ڊي اي ۽ اتحادي پارٽين طرفان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ فنڪشنل مسلم ليگ، جماعت اسلامي، جي يو آءِ، ايس يو پي، تحريڪ انصاف سميت ٻين پارٽين جا ڪارڪن شريڪ ٿيا. سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته سنڌ کي بنجر بڻائڻ ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي ملوث آهي، سنڌ جا ماڻهو ان سازش کي پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائيندا. ميرپورخاص ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ مختلف قومپرست توڙي سياسي تنظيمن پاران اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ امير علي ٿيٻو، پي ٽي آءِ اڳواڻ آفتاب قريشي، سماجي اڳواڻ واجد لغاري،  احسان جروار،  لالا اظهر پٺاڻ، عبدالڪريم ڪيريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف ڊاڪٽر صفدر عباسي، ناصر محمود سومري، عامر ڀـُٽِي، صدر الدين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ لاهوري ريگوليٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. شڪارپور ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي جيئي سنڌ محاذ، قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ريلي جي اڳواڻي عبدالحليم مهر، عبدالحق سهندڙو، عمران منگي، همير چانڊيو، ظفر چنو ۽ ٻين ڪئي. خيرپور ۾ مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن پاران ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميمن ۽ سنڌو درياهه تي قبضي خلاف فياض خميساڻي، اويس ڦلپوٽي، اڪبر مڪول ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ خاڪي شاهه پل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. گهوٽڪي ۾ وڪيلن پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف لعل بخش گهوٽو، واحد بخش ڀٽو، جاويد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ بار آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. نوشهري فيروز ۾ مختلف ڌرين پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف آصف حسيني، اياز راڄپر، معشوق ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. جيڪب آباد ۾ فنڪشنل مسلم ليگ، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ جي يو آءِ پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف ڊاڪٽر اي جي انصاري، عبدالستار جاگيراڻي، مولا بخش کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سانگهڙ ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف عبدالحڪيم راڄڙ، وقار جٽ، مشتاق جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جي ڊي اي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف اسٽيشن روڊ کان ڦليلي پل تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. دادو ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف عاشق زنئور، وريام سنڌي، خادم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لائبري کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. سجاول ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف جمن سنڌي، گل نواز رند ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊي الهيار ۾ سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي پاران سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف ڪامريڊ روشن مڱريو، ميهار بنگلاڻي، لياقت جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. مٺيءَ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي ۽ جسقم آريسر  طرفان بلال پارڪ کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. قمبر ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سڏ تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف عذير احمد جاگيراڻي، محمد علي هڪڙو، اياز ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهدا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. شهدادڪوٽ ۾ سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف حمل خشڪ، حيات تنيو، حبدار ميرجت ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. فيض گنج ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ غيرقانوني طور 6 نوان ڪينال ٺاهڻ واري عمل خلاف انجنيئر عبدالڪريم، اسد ٻانڀڻ، اختر حسين راڄپر، تصور باقي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ٺري ميرواهه ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف مهتاب شر، غلام قادر شر، شڪور ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گمبٽ ۾ قومپرست ڌرين طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جسقم ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي درياهه سڪائڻ جي سازش نامنظور جا نعرا هنيا ويا. تنگواڻي ۾ ايس يو پي پاران فارمنگ ڪارپوريٽ جي نالي تي زمين جي نيلامي خلاف عبدالرزاق نندواڻي، رحمدل لاشاري، نصر الله ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جعفر آباد روڊ کان بس اسٽينڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. نصير آباد ۾ سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف نياز ڪلهوڙي، قاري عثمان مغيري، گلزار شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. ساماري ۾ جسقم پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف جميل جميل ڌونڪائي، صاحب خان کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٺارو شاهه ۾ مختلف ڌرين پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف رضا محمد بهڻ، بابو اسماعيل ميرجت، عرفان ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ماسٽر چندر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. مانجهند ۾ ايس يو پي ۽ اتحادي پارٽين جي سڏ تي سنڌو درياهه مان 6 نيڪال ڪڍڻ خلاف عبداللطيف پنهور، يوسف عمراڻي، انور مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شاهي بازار کان مين چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. سيوهڻ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف علي نواز رند، اياز عمراڻي، محمد خان سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گولڊن گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. دريا خان مري ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهڻ واري عمل خلاف علي شير شيخ، محمد ابراهيم مري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارهه ۾ مختلف ڌرين پاران سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ٺاهڻ واري عمل خلاف مشتاق تنيو، محمد حنيف ڇٽو، غفار ميرجت ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. بهرام ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن، ڪالا باغ ڊيم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف جي يو آءِ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. باڊهه ۾ سنڌ بچايو تحريڪ جي سڏ تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ۽ سنڌ جي زمين تي قبضن خلاف دودو ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ٺل ۾ جسقم ۽ جسم پاران سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف شاهي بازار کان رهبر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ڪنڊياري ۾ جي يو آءِ ، ايس يو پي ۽ آل پارٽيز الائنس طرفان گرين پاڪستان منصوبي ۽ سنڌو درياهه مٿان 6 ڪينال اڏڻ خلاف ٽائون ڪميٽي کان اسٽار چوڪ تائين  ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ريلي جي اڳواڻي جي يو آءِ جي ضلعي اڳواڻ مولانا عبدالعليم گهانگهري، جسقم اڳواڻ هارون ڪلهوڙي، انور سولنگي ۽ ٻين ڪئي. ڪوٽڙي ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ ، جي يو آءِ ، فنڪشنل ليگ، ايس ٽي پي طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاج ۾ روشن ٻرڙو، امداد پنھور، سلطان مڱريو، خدابخش ٿيٻو،  آدم ٻٽ ، سڌير رند ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. خيرپور ناٿن شاھ ۾ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي سڏ تي غلام محمد گاڏهي، فقير علي حسن جانوري، حافظ انور کوهارو ۽  ٻين پريس ڪلب  اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هالا ۾ سنڌ بچايو تحريڪ جي سڏ تي مختلف پارٽين جي اڳواڻن سهيل احمد قريشي، عبدالرشيد ڏيٿو، عبدالفتاح ڳاهوٽو، فقير محمد لاکو، گلزار خاصخيلي ۽ ٻين ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ارسا يڪٽ ۾ ترميمون ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙپ هنيو پيو وڃي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي. هنن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي سازش ناڪام بڻائي ويندي، سنڌ ۾ فارمنگ ڪارپوريٽ جي نالي تي زمين جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
24%
3.7m/s
0%
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون