- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سينيٽر ڪامران مرتضيٰ کي غلط فهمي ٿي آهي، بلاول مولانا فضل الرحمان کي ڪا به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي ته آئيني ترميم منظور ڪرڻ مجبوري آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ بلاول جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته پ پ چيئرمين ٻين تجويزن بدران آئيني عدالتن بابت رڳو پنهنجي ڊرافٽ جو ذميوار آهي.
هن چيو ته هو پاڻ مولانا فضل الرحمان سان ٿيل ملاقات ۾ شريڪ هو، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي، بلاول ۽ مولانا آئيني عدالتن بابت ڳالهيون ڪيون.
مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان آئيني ترميم جي اڪثر نقطن تي هڪپيج تي آهن.- Advertisement -
