- Advertisement -
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته شروعات ۾ سندن لاءِ مهانگي بجلي وڏو چئلينج هو، وياج جي مد ۾ ادائگين جو هڪ وڏو ٻوجهه واهپيدارن کي برداشت ڪرڻو پيو، سندن هٿ ٻڌل هئا پر انهن کي ٻڌل هٿن سان بجلي سستي ڪئي.
اسلام آباد ۾ حڪومتي معاشي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اويس لغاري چيو ته ارڙهن مهينن ۾ بجلي جي قيمت ۾ ساڍا 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي، انڊسٽري لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 16 رپين تائين گهٽتائي ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته سندن وٽ ساڍا ست هزار ميگاواٽ اضافي بجلي پئي آهي، ناڻي واري وزارت سان گڏجي آءِ ايم ايف سان اضافي بجلي بابت ڳالهيون ڪيون.
توانائي واري وفاقي وزير چيو ته اضافي بجلي کي ساڍا ست سيڪڙو تي ڏيڻ لاءِ پيڪيج آندو ويو، سي ٽي بي سي ايم هڪ وڏو سڌارتي عمل آهي.
اويس لغاري چيو ته سي ٽي بي سي ايم تحت هاڻي حڪومت بجلي خريد نه ڪندي، گردشي قرض هڪ ڏهائي 2 کرب ختم ڪرڻ جو پلان آندو ويو، مختلف قدمن لاءِ گردشي قرض اضافي کي روڪيو ويو……..
- Advertisement -
