- Advertisement -
پنجاب جي گورنر سليم حيدر خان چيو آهي ته اهي 1973ع جي آئين موجب سمورين ترميمن سان گڏ بيٺل آهن، جنهن ترميم جي حمايت ڪئي آهي ان حوالي سان مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سليم حيدر چيو ته هاڻي به سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورو ڪري ترميم ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته صدر کي اڳ ئي ڇوٽ حاصل آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي.
گورنر سليم حيدر جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، صدر آصف علي زرداري جيل ڪاٽي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهي ترميمون 73 آئين جي خلاف نه آهن، 28هين ترميم جي حوالي سان اڃا شيون اڳيان ناهن آيون، جڏهن ان ترميم جي حوالي سان شيون واضح ٿي ويون ته پوءِ ان تي تبصرو ڪيو ويندو.
پنجاب جي گورنر سليم حيدر بار ايسوسيئيشن جي صدر نعيم گجر سان ملاقات ڪري آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت لاءِ دعا پڻ ڪئي.- Advertisement -
