- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سڀاڻي او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو.
پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار او آءِ سي جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو،اجلاس ايران ۽ فلسطين جي درخواست تي سڏايو ويو آهي.
ترجمان موجب، اجلاس ۾ فلسطين خلاف اسرائيل جي جارحيت ۽ ٻين علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، پاڪستان هميشه او آءِ سي ۽ ٻين عالمي فورمن تي پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي.
اجلاس ۾ پرڏيهي وزير غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پاڪستان جا خدشا پيش ڪندو، اسحاق ڊار غزه ۾ فوري امن ۽ رليف جي قيام تي زور ڏيندو.
پرڏيهي آفيس جِي ترجمان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار او آءِ سي ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان به ملاقاتون ڪندو……..- Advertisement -
