- Advertisement -
اهم حڪومتي ۽ انتظامي مسئلن جي حل لاءِ مسلم ليگ نون ۽ پيپلزپارٽي جي ڪو آرڊينيشن ڪميٽين جو اجلاس ٿي رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي اهم خدشن جو جائزو ورتو ويندو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات به ڪئي هئي.
ذريعن موجب، پيپلزپارٽي حڪومت جي اڻپورن واعدن ۽ نامڪمل خاطرين جي شڪايت ڪئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف، اسحاق ڊار جي سربراهيءَ ۾ هڪ حڪومتي ڳالهيون واري ڪميٽي جوڙي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪميٽي کي پيپلزپارٽي سان تفصيلي صلاح مشورا ڪرڻ بعد سياسي سهڪار ۽ مسئلن جي حل جي ذميواري ڏني هئي.
ذريعن موجب، حڪومتي ڪميٽي پيپلز پارٽي طرفان مقرر ميمبرن سان ڳالهيون ڪري ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪندي.- Advertisement -
