اسرائيلي فوج جا غزه ۾ مظلوم مسلمانن مٿان حملا جاري,وڌيڪ 50 فلسطيني شهيد

spot_img
اسرائيلي فوج جا غزه ۾ مظلوم مسلمانن مٿان حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 فلسطينين کي شهيد ۽ ڪيترن کي زخمي ڪيو ويو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته صابره محلي ۾ اسرائيلي فوج جي حملي 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته اولهه ڪناري ۾ هوائي حملي ۾ 7 فلسطينين شهادت جو جام پيتو. ٻئي پاسي اسرائيلي فورسز ڪمال عدوان اسپتال تي فائرنگ ڪئي آهي. اسپتال جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي فائرنگ سبب طبي مشينري کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. عرب ميڊيا موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گذريل سال آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيل بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 43 هزار 972 تائين پهچي ويو جڏهن ته هڪ لک 4 هزار 8 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي لبنان ۾ ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 30 شهري شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڏاکڻي علائقي سرافند ۾ اسرائيلي بمباري سبب 3 لبناني فوجي به مارجي ويو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون