تازه ترين

اسرائيلي فوج جو خان يونس جي هڪ اسڪول تي هوائي حملو، 30 فلسطيني شهيد، 50 کان مٿي زخمي

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي خان يونس ۾ هڪ اسڪول تي هوائي حملي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج خان يونس جي ڏاکڻي علائقي ۾ اباسان شهر جي العوده اسڪول تي بمباري ڪئي. فلسطيني اختيارين موجب، شهيد ٿيلن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ آهي جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو ٿي پيا. فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو. غزه جي سرڪاري ميڊيا آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل قومن جي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪول ۾ بي گهر خاندانن کي پناهه ڏني وئي هئي. ٻئي پاسي اسرائيلي حملي تي حماس خبردار ڪيو آهي ته شهرين تي حملن سان جنگ بندي جون ڳالهيون خطري ۾ پئجي سگھن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
34 %
1.6kmh
1 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون