اسرائيلي فوج جي غزا تي بمباري ۾  وڌيڪ 120 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزا تي بمباري ۾  وڌيڪ 120 فلسطيني شهيد ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهيد فلسطينين جو انگ 120  ٿي ويو. 7 آڪٽوبر کان غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 22 هزار 637 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 57 هزار 296 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. فلسطيني صحت واري وزارت موجب شهيدن ۾ 9 هزار هڪ  100 کان وڌيڪ ٻار ۽ 6 هزار 500 کان وڌيڪ عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 8 هزار 663 ٻار ۽ 6 هزار 327 عورتون به شامل آهن. ٻئي پاسي اولهه ڪناري ۾ به فلسطينين تي يهودي فوجن جي ظلمن ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي، 83 ٻارن سميت شهيد فلسطينين جو انگ 324 کان وڌي ويو، جڏهن ته 3 هزار 800 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. گڏيل قومن جي انساني معاملن واري اداري او سي ايڇ اي ۽ عالمي صحت واري اداري پاران 31 ڊسمبر 2023ع تائين فراهم ڪيل انگن اکرن موجب غزا ۾ اسرائيل جي وحشي حملن ۾ 3 لک 55  هزار رهائشي ۽ 370 کان وڌيڪ تعليمي مرڪز تباهه ٿي چڪا آهن. انگن اکرن موجب غزا ۾ 36 مان 23 اسپتالون مڪمل طور تي بند ڪيون ويون، 123 ايمبولينس ۽ 203 عبادتگاهن کي به اسرائيلي فوج نشانو بڻايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
54%
2.4m/s
0%
اربع
31 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون