اسرائيلي فوج جي غزه ۾ خوفناڪ بمباري جاري

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزه ۾ خوفناڪ بمباري جاري آهي، هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 61 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ظالم يهودي فوج پناهگير ڪيمپن ۽ گھرن کي نشانو  بڻايو، نصيرات ڪيمپ ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 25 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب، ڪيترائي ماڻهو عمارتن جي ملبي هيٺان دٻيل آهن، جڏهن ته غزه ۾ الاهلي عرب اسپتال تي حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب، غزه ۾ هن وقت تائين شهيدن جو انگ 40 هزار 691 ٿي ويو جڏهن ته 94 هزار 60 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيل اولهه ڪناري ۾ انٽرنيٽ ۽ فون سروس بند ڪري علائقي جو رابطو دنيا سان ڪاٽي ڇڏيو ان کان علاوه بيڪرين تي بمباري سبب ٻارن جي کير ۽ کاڌي پيتي جي شين جي پڻ کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. هوڏانهن حزب الله اتر اسرائيل ۾ فوجي هنڌن تي راڪيٽ حملا ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، حزب الله ڏکڻ لبنان مان ڪريات شمونه جي علائقن کي نشانو بڻايو، حملن کانپوءِ اتر اسرائيل ۾ سائرن وڄي ويا. اسرائيلي عملدارن دعوى ڪندي چي چيو آهيد ته راڪيٽ حملن سان ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
21%
4.2m/s
0%
جمعو
28 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون