- Advertisement -
اسرائيلي فوج حماس ۽ حزب الله جي ڪمانڊرن تي ٽارگيٽڊ حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج طرفان 2 ڊرون حملا ڪيا ويا جنهن ۾ حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ جي ڪمانڊر سميت 9 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
هوڏانهن شام جي راڄڌاني دمشق ۾ به هلندڙ گاڏي تي هوائي حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
ميڊيا رپورٽ موجب لبنان ۾ گاڏي تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ حزب الله جو اهم ڪمانڊر علي عبد علي شهيد ٿي ويو، حزب الله به اسرائيلي هدفن کي راڪيٽن ۽ توپن سان نشانو بڻايو.
واضع رهي ته غزه ۾ به اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دو ران وڌيڪ 21 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو.
گڏيل قومن جي سيٽيلائيٽ سينٽر موجب، غزه جون اڪثر عمارتون مڪمل تباهه ۽ گھڻيون متاثر ٿيون آهن، جن جو ملبو کڻڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 15 کان 20 سال لڳي سگهن ٿا……- Advertisement -
