تازه ترين

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو لبنان جي مزاحمتي تحريڪ حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جي موت کي هڪ تاريخي موڙ قرار ڏنو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو لبنان جي مزاحمتي تحريڪ حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جي موت کي هڪ تاريخي موڙ قرار ڏنو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو نيويارڪ جو دورو مڪمل ڪري واپس اسرائيل پهتو، جنهن کانپوءِ هن حسن نصرالله تي حملي ۽ سندس موت جي حوالي سان بيان جاري ڪيو.

اسرائيلي وزيراعظم حسن نصر الله جي موت کي تاريخي موڙ قرار ڏيندي چيو ته اسرائيل بيشمار اسرائيلي ۽ ڪيترن ئي پرڏيهي شهرين جي موت جو ذميوارن کان بدلو ورتو آهي.

نيتن ياهو چيو ته هن ان حملي جي هدايت ڪئي جنهن ۾ حسن نصرالله کي نشانو بڻايو ويو هو، گذريل ڏينهن ۾ حزب الله تي حملا ڪافي نه هئا.

اسرائيلي وزيراعظم ڌيڪ چيو ته اسرائيل جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حسن نصرالله کي ختم ڪرڻ ضروري هو، هو دشمنن تي حملا جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن.

واضح رهي ته لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ جمعي تي اسرائيلي حملي ۾ حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله شهيد ٿي ويو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
heavy intensity rain
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
49 %
4.6kmh
88 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون