تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

اسرائيل جا غزا تي حملا جاري,وڌيڪ 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا

- Advertisement -
اسرائيل جا غزا تي حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا، غزه جنگ بندي لاءِ دوحا ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، حماس ذريعن جوچوڻ آهي پهرين مرحلي ۾ جنگ بندي 42 ڏينهن تي ٿيندي. عرب ميڊيا جوچوڻ آهي ته اتر غزا ۾ پناهگير ڪئمپن تي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته خان يونس ۾ پناهگير ڪيمپ تي ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻن شهادت ماڻي. عرب ميڊيا رپورٽن موجب، اولهندي ڪناري جي جنين ڪئمپ تي حملي ۾  3 فسلطيي شهيد ٿيا ۽ ٻارنهن کي گرفتار ڪيو ويو. رپورٽن موجب، اسرائيلي فوج جنين ڪئمپ ۾ بلڊوزر گهمائي رستا تباهه ڪري ڇڏيا، پاڻي جا پائيپ پٽي ڇڏيا. عرب ميڊيا موجب، 7آڪٽوبر 2023 کان هيل تائين غزا ۾ 45 هزار 97 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته زخمين جو تعداد هڪ لک 7 هزار 244 تائين پهچي ويو آهي. ٻئي پاسي غزه ۾ جنگ بندي لاءِ دوحه ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، حماس ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ جنگ بندي 42 ڏينهن جي هوندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، پهرين مرحلي ۾ غزه ۾ قيد اسرائيلي عورتن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو بدلي ۾ اسرائيلي جيلن ۾ قيد سطينين کي آزاد ڪيو ويندو. رپورٽن موجب، پهرين مرحلي ۾ اسرائيلي فورسز غزه جي اولهه واري سرحد تي واپس وينديون، ٻئي مرحلي ۾ غزه مان اسرائيلي فوج جي مڪمل نيڪالي ٿيندي بدلي ۾ غزه ۾ قيد اسرائيلي فوجين جي آزادي ٿيندي. اسرائيلي آرمي چيف جو چوڻ آهي ته غزه ۾ قيد هڪ سئو اسرائيلي قيدين جي واپسي لاءِ حماس تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
24 %
4.5kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون