- Advertisement -
اسرائيل جا غزا تي حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا، غزه جنگ بندي لاءِ دوحا ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، حماس ذريعن جوچوڻ آهي پهرين مرحلي ۾ جنگ بندي 42 ڏينهن تي ٿيندي.
عرب ميڊيا جوچوڻ آهي ته اتر غزا ۾ پناهگير ڪئمپن تي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته خان يونس ۾ پناهگير ڪيمپ تي ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻن شهادت ماڻي.
عرب ميڊيا رپورٽن موجب، اولهندي ڪناري جي جنين ڪئمپ تي حملي ۾ 3 فسلطيي شهيد ٿيا ۽ ٻارنهن کي گرفتار ڪيو ويو.
رپورٽن موجب، اسرائيلي فوج جنين ڪئمپ ۾ بلڊوزر گهمائي رستا تباهه ڪري ڇڏيا، پاڻي جا پائيپ پٽي ڇڏيا.
عرب ميڊيا موجب، 7آڪٽوبر 2023 کان هيل تائين غزا ۾ 45 هزار 97 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته زخمين جو تعداد هڪ لک 7 هزار 244 تائين پهچي ويو آهي.
ٻئي پاسي غزه ۾ جنگ بندي لاءِ دوحه ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، حماس ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ جنگ بندي 42 ڏينهن جي هوندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پهرين مرحلي ۾ غزه ۾ قيد اسرائيلي عورتن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو بدلي ۾ اسرائيلي جيلن ۾ قيد سطينين کي آزاد ڪيو ويندو.
رپورٽن موجب، پهرين مرحلي ۾ اسرائيلي فورسز غزه جي اولهه واري سرحد تي واپس وينديون، ٻئي مرحلي ۾ غزه مان اسرائيلي فوج جي مڪمل نيڪالي ٿيندي بدلي ۾ غزه ۾ قيد اسرائيلي فوجين جي آزادي ٿيندي.
اسرائيلي آرمي چيف جو چوڻ آهي ته غزه ۾ قيد هڪ سئو اسرائيلي قيدين جي واپسي لاءِ حماس تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن- Advertisement -
