تازه ترين

اسرائيل جي جنين ۽ تلڪرن ۾ هوائي ۽ زميني حملن ۾ وڌيڪ 21 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيل جي جنين ۽ تلڪرن ۾ هوائي ۽ زميني حملن ۾ وڌيڪ 21 فلسطيني شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ 60 کان وڌيڪ فلسطينين کي گرفتار ڪيو ويو. غزه ۾ فلسطينين جي تباهه ٿيل علائقن ڏانهن واپسي جاري آهي، 5 لک کان وڌيڪ فلسطيني تباهه ٿيل اتر غزه واپس موٽي آيا، غزه ۾ 15 مهينن کانپوءِ پهريون ڀيرو گهريلو صارفين گيس جي فراهمي بحال ٿي وئي. ٻئي پاسي اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جا ظلم ۽ بربريت جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزه جي اسپتالن ۾63 لاش آندا ويا، 59 لاش عمارتن، ميدانن ۽ روڊن تان کنيا ويا هئا. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب غزه پٽي ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 47 هزار 417 تائين پهچي ويو آهي. ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندي وچ ۾ ملاقات ٿي آهي. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو ۽ اسٽيووٽ ڪوف آئيندي جي حڪمت عملي تي غور ڪيو، جڏهن ته ٽرمپ جي ايلچي غزه جو به دورو ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون