وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ صبح ساڍي يارهين وڳني ٿيندو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ صبح ساڍي يارهين وڳني ٿيندو جنهن ۾ 13 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. مڊل ايسٽ گرين منصوبي جي منظوري، ٽيرف اينڊ ٽريڊ ايگريمينٽ بابت ڪامرس واري واري وزارت جي سمري به ايجنڊا ۾ شامل آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ پي آءِ اي پائلٽن بابت بيان جي جاچ تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ايڪس سروس مين جي لاءِ وزيراعظم معاونت پيڪيج تحت سروس ڊيوز جي ادا ڪرڻ جي سمري تي غور ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ راڄڌاني ۾ خاص عدالتن جي قيام ۽ احتساب عدالت نمبر 3 جي ٻيهر جوڙجڪ جي سمري تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته وفاقي ڪابينا ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏيندي. اجلاس ۾ ڪابينا نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرز جي قيام جي منظوري ڏيندي جڏهن ته وفاقي راڄڌاني ۾ طبي تعليم لاءِ ايس اي ٽي ايس جي ڪوٽا ۾ تبديلين تي به غور ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
26%
2.3m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون