تازه ترين

اسرائيل جي رفح ۾ فلسطينين جي ڪيمپن تي بمباري، 50 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيل جا ظلم جاري آهي، رفح تي فلسطينين جي ڪيمپن تي بمباري ۾ 50 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا جڏهن ته مصر مان 4 امدادي ٽرڪ ڪريم ابو سالم ڪراسنگ ذريعي غزه ۾ داخل ٿي ويا آهن. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي جهازن تل السلطان ۾ انرولاجسٽڪ سينٽر جي ڪيمپن تي بمباري ڪئي، يهودي فوج ڪيمپن تي ميزائل ۽ 2 هزار پائونڊ وزني بم اڇلايا. فلسطيني ميڊيا موجب، اسرائيلي حملي کانپوءِ علائقي کي باهه وڪوڙي وئي، بمباري سبب انروا جي خوراڪ جو مرڪز تباهه ٿي ويو جڏهن ته ڪيترائي امدادي ڪارڪن جي مارجڻ جا به اطلاع آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 81 فلسطيني شهيد ۽ 223 زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي بمباري سبب هن وقت تائين شهيدن جو انگ 35 هزار 984 ٿي ويو جڏهن ته 80 هزار 643 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي حماس اسرائيل سان ٻيهر ڳالهيون نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. حماس اڳواڻ اسامه حمدان جو چوڻ آهي ته اسرائيل سان نئين ڳالهين ضرورت ناهي، اهڙين ڳالهين سان اسرائيل کي جارحيت لاءِ وقت ملي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
29 %
4.9kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون