- Advertisement -
آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ موجب اسرائيل غزه ۾ وڏي تباهي ۽ فضائي ۽ زميني ڪارروائين باوجود حماس کي تباهه ڪرڻ جو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
وال اسٽريٽ جرنل جي هڪ رپورٽ موجب، آمريڪي انٽيليجنس ايجنسين تصديق ڪئي آهي ته حماس وٽ اڃا ايترو بارود موجود آهي جو هو ڪيترن ئي مهينن تائين ويڙهه جاري رکي سگهي ۽ غزه ۾ ويڙهه دوران اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪري سگهي ٿي.
اسرائيلي عملدارن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته غزه تي جنگ دوران حماس کي تباهه ڪرڻ جو مقصد حاصل نه ٿي سگهيو آهي.
اخبار جي رپورٽ موجب آمريڪي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته حماس جا اهلڪار انهن علائقن ڏانهن واپس اچي ويا آهن جن بابت اسرائيل جي دعويٰ آهي ته هاڻي اهي ان جي قبضي هيٺ آهي.
رپورٽ موجب، حماس انهن علائقن ۾ سيڪيورٽي ۽ ايمرجنسي خدمتون فراهم ڪندڙ اهلڪارن جي صورت ۾ موجود آهي.
وال اسٽريٽ جرنل موجب، اسرائيلي عملدارن تسليم ڪيو ته حماس جا ميمبر صورتحال کي ترتيب ڏئي رهيا آهن ۽ هاڻي انهن جي حڪمت عملي ننڍن گروپن ۾ وڙهڻ ۽ اسرائيلي سپاهين تي حملا ڪري گم ٿي وڃڻ آهي.
اڳوڻي آمريڪي جنرل جوزف ووٽل اخبار کي ٻڌايو ته صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته حماس نقصانن باوجود وڌيڪ جنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.- Advertisement -
