سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي جي ميداني علائقن۾ اڄ به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار

- Advertisement -
سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي جي ميداني علائقن۾ اڄ به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، نظر جي حد گھٽجڻ سبب موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويو آهي. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم ون پشاور کان اسلام آباد ۽ ايم ٽو اسلام آباد کان بلڪسر تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. موٽر وي پوليس ترجمان موجب، موٽر وي ايم ٿري فيض پور کان درخانه تائين ڪوهيڙي سبب بند آهي، ان کان علاوه موٽر وي ايم 14 تي هڪلا کان ڪوٽ بيليان تائين ٽريفڪ جي داخلا بند آهي. ترجمان موجب، سوات ايڪسپريس وي ڪرنل شير خان کان اسماعيليه تائين بند آهي. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ، پنجاب ۾ قومي شاهراهه اين 5 تي به ڪوهيڙو آهي، ڊرائيور ۽ مسافر احتياط ڪن ۽ ڊرائيورنگ دوران فوگ لائٽس جو استعمال ڪن….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
31%
4m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون