اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن جي ان بيان تي ته ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات ٿي آهي جن اسرائيل کي تسليم ناهي ڪيو جن تي پاڪستاني سفارتخاني واضح ڪيو آهي ته اسرائيلي پرڏيهي وزير ويجهڙ ۾ ڪنهن به پاڪستاني عملدار سان ملاقات ناهي ڪئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جو جاري ڪيل بيان ۾ چوڻ آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪو به فيصلو ڪندو.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل جي پرڏيهي وزير ڪيتري ئي عرصي کان پاڪستان جي ڪنهن به عملدار سان ملاقات ناهي ڪئي.
ماضي تي نظر وجهون ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير خورشيد قصوري اسرائيلي پرڏيهي وزير سيلون شيلوم سان ترڪي جي شهر استنبول ۾ 2005 دوران ملاقات ڪئي هئي.
