ٺل ۾ ڦر مزاحمت تي قتل ٿي ويل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سياسي سماجي ڌرين، وارثن ۽ شهرين طرفان لڳايل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي.
مقتول معظم نوناري جي قتل خلاف رهبر چوڪ تي لڳل ڌرڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته قتل واقعي کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس هڪ جوابدار به گرفتار نه ڪري سگهي آهي.
هنن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيستائين مقتول حافظ معظم جا قاتل گرفتار نه ٿيندا، تيستائين ڌرڻو جاري رهندو.
