- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل کي ان جي ڏوهن تي جوابده بڻائڻو پوندو، غزا ۾ نسل ڪشي تي مجبور ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم سلامتي ڪائونسل ۾ ليڊر شپ فار پيس مباحثي ۾ خطاب ڪندي بيروت ۾ بمباري جي مذمت ڪئي.
شهباز شريف چيو ته ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ٿيڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿيڻ تائين خطي جي امن کي خطرو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته طاقت جي غير قانوني استعمال کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو، ڪائونسل کي ڪشميرين جي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي روڪڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان مان دهشتگردي، خاص طور تي داعش ۽ فتنه الخوارج جو خطرو ٻيهر ڪر کڻي رهيو آهي، سلامتي ڪائونسل کي افغانستان مان وڌندڙ دهشتگردي جي خطري کان اثرائتي طريقي سان منهن ڏيڻ گهرجي.
شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوهري ۽ روايتي هٿيارن جي ڊوڙ کي روڪڻ جي عالمي ڪوششن کي بحال ڪرڻ گهرجي، نون هٿيارن ۽ اَي آءِ سميت ٽيڪنالاجيز تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايندڙ سال سلامتي ڪائونسل جي سيٽ سنڀالڻ تي انهن مقصدن کي حاصل ڪندو.- Advertisement -
