- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان ڏنل انگ اکر صحيح ثابت ٿيا آهن، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽجي وئي آهي.
نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير عطاءُ تارڙ چيو ته ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪندو، آءِ ايم ايف کي به خط لکيا ويا، اها سندن پنهنجي خواهش آهي.
عطا تارڙ چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ معيشت بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي، غير قانوني مني ايڪسچينج ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ڊالر اسمگلنگ بند ٿي وئي.
وفاقي وزير چيو ته بلوم برگ جو چوڻ هو ته ملڪي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي، ترڪي جي صدر معاشي بحالي جي واکاڻ ڪئي.
هن چيو ته پرڏيهي پاليسي مضبوط ٿي رهي آهي، ان جو تعلق معاشي استحڪام سان آهي، اسان ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي اجاگر ڪيو.
عطا تارڙ چيو ته ڪاربان خارج ڪندڙ ملڪن وٽ وڌيڪ وسيلا آهن، موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب ٿيندڙ نقصان جو اندازو 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي.
سڌ سماءَ واري وزير چيو ته طالبان کي اهو چئي واپس آندو ويو ته هو سٺا آهن، جڏهن ته طالبان کي واپس آڻڻ جي پاليسي غلط هئي، ان جا اثر ڪي پي ڪي ۾ نظر اچي رهيا آهن.
عطا تارڙ موجب پاڪستان جو هر فورم تي موقف آهي ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪئي، فلسطيني صدر چيو ته پاڪستان فلسطيني شاگردن کي جاءِ ڏني، پاڪستان کي غزه ۾ اسرائيلي جارحيت تي سخت ڳڻتي آهي.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف لبنان ۾ فوري جنگ بندي تي زور ڏنو آهي.
عطا تارڙ چيو ته ٻه طرفي ملاقاتن ۾ اسان کي قبوليت ملي رهي آهي، اسان فلسطين جي مسئلي کي اجاگر ڪري رهيا آهيون، اسان اڄ به فلسطين جي حوالي سان قائداعظم جي موقف تي قائم آهيون.
هن چيو ته اسان جون اقتصادي بحالي جون ڪوششون جاري آهن، دنيا تسليم ڪري رهي آهي، وڌيڪ قدمن سان اسان جي معيشت ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ شامل ٿي ويندي، پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح گهٽجي وئي آهي.
عطا تارڙ چيو ته هو افغانستان مان وڌندڙ دهشتگردي خلاف آواز اٿاريندا رهندا.
هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي جو بول لائيو نشر ڪيو ويندو، ايڪس بند ڪرڻ بابت هن چيو ته معاملو عدالت ۾ آهي، عبوري حڪومت عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو هو ته ايڪس تي فحش مواد نشر ڪرڻ جي اجازت آهي.
عطا تارڙ چيو ته هتي عليحدگي پسند تنظيمون سرگرم آهن، اهو پاڪستان جي سالميت جو معاملو آهي، گهرو وزارت کي خدشا آهن، انٽرنيٽ جي خرابي جو مسئلو 4-5 ڏينهن کان هو جيڪو هاڻي حل ٿي ويو آهي.- Advertisement -
