اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگبندي معاهدي تي ٽن ڪلاڪن جي دير بعد پهرين مرحلي تي عمل شروع ٿي ويو

- Advertisement -
اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگبندي معاهدي تي ٽن ڪلاڪن جي دير بعد پهرين مرحلي تي عمل شروع ٿي ويو، حماس قيدين جي لسٽ اسرائيل کي فراهم ڪري ڇڏي. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي اختيارين طرفان قيدين جي لسٽ ملڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. پهرين مرحلي ۾ ڇهه هفتا جنگبندي ٿيندي. 33 اسرائيلي يرغمالين جي بدلي 737 فلسطيني قيدين کي آزادي ملندي، جڏهن ته جنگبندي جي پهرين مرحلي ۾ هڪ هزار 890 فلسطينين کي آزاد ڪيو ويندو. حماس جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته جنگبندي جي پهرين ڏينهن ٽن قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، ڪجهه ٽيڪنيڪل سببن ۽ مسلسل اسرائيلي بمباري جي ڪري لسٽ جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي. حماس جي ترجمان موجب، اسرائيلي بمباري جنگبندي معاهدي ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿي. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج ڏکڻ غزا جي رفح سٽي مان نڪرڻ شروع ٿي وئي، اسرائيلي فورسز مصر سرحد سان گڏ فلاڊيلفي راهداري تي موجود رهنديون. جنگبندي معاهدي جي ٻئي مرحلي ۾ مصر سان گڏ رفح ڪراسنگ کولي ويندي ۽ ٽئين مرحلي ۾ غزا جي نئين سر تعمير جا معاملا طئي ٿيندا..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون