- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جوڊيشل مئجسٽريٽ منشر حسن چشتي، علي امين گنڊاپور خلاف شراب ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران خيبرپختونخوا جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ سندس وڪيل راجا ظهور الحسن به عدالت ۾ پيش نه ٿيا.
عدالت مسلسل غير حاضري تي علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت پاران ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير جا گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
علي امين گنڊاپور خلاف باره ڪهو ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي…..- Advertisement -
