- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت مالي فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 10 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي عدالت فواد چوڌري خلاف مالي فراڊ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
فواد چوڌري جا وڪيل قيصر امام ۽ مرزا عاصم بيگ عدالت ۾ پيش ٿيا.
فواد چوڌري طرفان بغير هٿڪڙي لڳائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي.
فواد چوڌري جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي ۽ وزير به رهي چڪو آهي، کيس هٿڪڙي نه لڳائي وڃي.
ان تي جج چيو ته اهي سموريون شيون فواد چوڌري کي باقي قيدين کان مٿاهون بڻائن ٿيون.
وڪيل چيو ته فواد چوڌري کي منهن ڍڪي ۽ هٿڪڙي لڳائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ميڊيا جي هيڊلائنز بڻجي ٿو، کيس ڪِريل ڏيکارڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي.
ان تي جج چيو ته هو ان معاملي کي ڏسي مناسب حڪم جاري ڪندو، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي- Advertisement -
