- Advertisement -
مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري کانپوءِ نئين پارٽي پوزيشن جاري ڪئي وئي آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سني اتحاد ڪائونسل کي پارلياماني پارٽي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
نئين پارٽي پوزيشن ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته ميمبرن کي آزاد ڏيکاريو ويو آهي.
تحريڪ انصاف يا سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ۾ وجود ختم ٿي ويو.
نئين پارٽي پوزيشن موجب مسلم ليگ ن جي ميمبرن جو انگ 122، پيپلز پارٽي ميمبرن جو انگ 70، ايم ڪيو ايم ميمبرن جو انگ 22، مسلم ليگ ق جي ميمبرن جو انگ 5، استحڪام پاڪستان پارٽي جي ميمبرن جو انگ چار، نيشنل پارٽي، مسلم ليگ ضيا ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر آهي.
اهڙي طرح حڪمران اتحاد جي ميمبرن جو گڏيل انگ 226 ٿي ويو، جڏهن ته مخالف ڌر ميمبرن جو گڏيل انگ 102 آهي……- Advertisement -
