- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشتنامي تي اڄ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ باضابطه طور تي صحيحون ٿي ويون آهن.
وزيراعظم شهباز شريف ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته ان تاريخي مفاهمتي يادداشت تي ٻنهي ملڪن جي معزز صدرن صحيحون ڪيون آهن، اها اڳڀرائي ان ڳالهه جي واضع نشاني آهي ته ڌريون تڪرار جي حل لاءِ سفارتي رستو اختيار ڪرڻ لاءِ سنجيده آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آمريڪا-ايران معاهدو فوري طور تي لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ شروعاتي قدم طور ايران هرمز لنگهه کي فوري طور تي ٻيهر کولڻ جڏهن ته آمريڪا سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۽ سفارتڪاري کي ساراهيندي چيو ته امن لاءِ سندس عزم امڪاني طور تي هڪ وڏي تڪرار کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، اسٽيووٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر سميت آمريڪي ڳالهين واري ٽيم کي به خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم ايراني سپريم ليڊر سيد آيت الله مجبتى ۽ صدر مسعود پزشڪيان سميت ٻي اعلى قيادت جي دانشمندي جي واکاڻ ڪئي ۽ ايراني ڳالهين واري ٽيم جي ميمبر محمد باقر قاليباف، عباس عراقچي ۽ اسڪندر مومني جي خدمتن کي اهم قرار ڏنو.
هن چيو ته قطر جي قيادت سان گڏ سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي ڪردار کي به ان اڳڀرائي ۾ انتهائي اهم ۽ تعميري قرار ڏنو.
وزيراعظم شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خصوصي تعريف ڪندي چيو ته سندس ڪوششون ان اهم اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ تمام گھڻيون ڪارائتيون ثابت ٿيون.
آخر ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مفاهمتي يادداشت سموري خطي ۾ گڏيل احترام ۽ گڏيل خوشحالي جي مضبوط بنياد ثابت ٿيندي.- Advertisement -
