تازه ترين

ايران سان ڊيل ٿي وئي، هرمز لنگهه تمام جلد کلڻ وارو آهي : ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڊيل ٿي وئي، هرمز لنگهه تمام جلد کلڻ وارو آهي، آچر تي ٿيل ڊيل تي تمام جلد صحيحون ٿينديون. فرانس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ڊيل ٿيڻ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ اچي رهي آهي، ڊيل نه ڪريون ها ته هرمز لنگهه نه کلي ها، بمباري هفتا ۽ مهينا هلي ها. آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جي سيون ملڪن سان ايران سان معاهدي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، معاهدي تي خوش آهن. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هُو نٿو چاهي ته دنيا ۾ معاشي تباهي اچي، ايران ۾ رجيم چينج ٿي چڪي آهي، نئين قيادت سمارٽ آهي، ايران جا نوان ليڊر گهٽ بنياد پرست آهن. آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان لبنان جي معاملي تي اختلاف آهن، ايران سان معاهدي تي نيتن ياهو مايوس ٿيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ موجب معاهدي کانپوءِ اميد آهي ته ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو، جيڪڏهن 60 ڏينهن ۾ مستقل معاهدو نه ٿيو ته هُو ٻيهر بمباري ڪري سگهن ٿا، کيس لڳي ٿو ايراني قيادت جو رويو اڳ کان مختلف هوندو. آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هڪ ملڪ ايران تي بمباري جاري رکڻ جو چيو، اُهي بيوقوف آهن، دنيا کي معاشي تباهي کان بچائڻ لاءِ ايران سان معاهدو ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
57 %
3.3kmh
35 %
خميس
23 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون