- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ان ڪئمرا ڪارروائي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ان ڪيمرا ٻڌڻي جي ايف آءِ ايَ جي درخواست تي به ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر شاهه خاور چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائل کي پبلڪ نه ٿو ڪري سگهجي، ٻين ملڪن بابت بيان به عدالت آڏو رکيا آهن، اهڙا بيان اوپن ڪورٽ آڏو آڻڻ سان ٻين ملڪ سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل جو معاملو ڌار آهي، ڇا ضمانت جي ٻڌڻي به ان ڪيمرا ٿي سگهي ٿي؟ ان تي وڪيل چيو ته کيس ان بابت ته خبر ناهي.
ٻڌڻي دورا چيف جسٽس عدالتي ڪارروائي سڌيءَ ريت ڏيکارڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته لائيو اسٽريمنگ ته ضرور ٿيندي، هنن معاملو فل ڪورٽ آڏو رکيو آهي.
عدالت سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ان ڪئمرا ڪارروائي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.- Advertisement -
