اسلام آباد هائيڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ هڪ دفعو ٻيهر طلب

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ بلوچ شاگردن جي گمشدگي بابت ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي نگران وزيراعظم، گهرو ۽ بچاءَ واري وزير کي طلب ڪندي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني بلوچ شاگردن جي گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان عدالت ۾ پيش ٿيو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ عدالت جي طلب ڪرڻ باوجود ٻيو ڀيرو به پيش نه ٿيو. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته نگران وزيراعظم ٻيو ڀيرو ناهي آيو، کائنس پڇا ڪريو کيس ان لاءِ گهرايو هو ڇو ته هو جوابده آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي ايم آءِ سرڪاري ملازم آهن، اهي سڀ آفيسر جوابده آهن، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته پنهنجي ملڪ جي شهرين جي بازيابيءَ لاءِ 2 سال لڳي ويا، نگران وزير، بچاءَ وارو سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري ڪٿي آهن؟. جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته 12 گم ٿيل شاگرد اڃا تائين بازياب ناهن ٿيا، جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته سندس ڄاڻ موجب 8 شاگرد بازياب ناهن ٿيا. جسٽس محسن اختر ڪياڻي رمارڪس ڏيندي چيو ته 3 حڪومتون اڃا تائين گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيون آهن، گم ٿيل ماڻهن جا ٻيا به حساس ڪيس ٻڌن ٿا، يا ته رياستي ادارا جبري گمشدگين جا ذميوار آهن يا اوهان انهن ماڻهن خلاف ڪرمنل ڪيسن جا تفصيل ٻڌايو. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اهي ماڻهو پاڻ ڀڄي ويا يا ڪنهن ٽئين ڌر اغوا ڪيو، ان صورت ۾ رياستي ادارن جي ناڪامي آهي. اٽارني جنرل عدالت کي اپيل ڪئي ته نئين حڪومت ايندي، ان کي پاليسي ٺاهڻ لاءِ وقت ڏيو، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته هو ڇا چوندا ته جبري گمشدگيون ٿيڻ گهرجن؟ ڪجهه ادارن کي ڇوٽ مليل آهي، اها نه ملڻ گهرجي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ايم پي او آرڊر جو غلط استعمال ڪندو رهيو، هاڻي عدالتي فيصلي کانپوءِ هو توهين عدالت ڪيس کي منهن ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت عدالت کي ٻڌايو ته ڪالهه سندس گهر تي ماسڪ پهريل ماڻهن چڙهائي ڪئي، سندس ملازم کي گرفتار ڪري کڻي ويا. عدالت بلوچ شاگردن جي گمشدگي بابت ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي نگران وزيراعظم، گهرو ۽ بچاءَ واري وزير کي طلب ڪندي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون