- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ 8 فيبروري 2024 جي عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿيندي.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسى جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي حوالي سان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.
جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي به بينچ جو حصو هوندا، ٻڌڻي دوران امڪاني طور تي ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جو به جائزو وٺڻ جو امڪان آهي.
برگيڊيئر (ر) علي خان طرفان داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن کان اڳ ۾ ٿيل ڌانڌلي، نتيجن ۾ دير سان جمهوري اصولن کي خطرو آهي، سپريم ڪورٽ 30 ڏينهن اندر پنهنجي نگراني ۾ نئين چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي.- Advertisement -
