- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي توشا خانا ٽو ڪيس ۾ ضمانت جو فيصلو جلد ڪرڻ بابت درخواست جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل جوڊيشل پاليسي موجب پنجن ڏينهن ۾ ضمانت جو فيصلو ڪرڻ لازمي آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٽن صفحن تي ٻڌل محفوظ فيصلو جاري ڪيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل جوڊيشل پاليسي موجب مئجسٽريٽ لاءِ 3 ڏينهن ۾ ۽ سيشن ڪورٽ کي پنجن ڏينهن ۾ ضمانت جو فيصلو ڪرڻ لازمي آهي.
عدالتي فيصي ۾ چيو ويو ته نيشنل جوڊيشل پاليسي موجب، هائيڪورٽ لاءِ ستن ۾ ضمانت جو فيصلو ڪرڻ لازمي آهي.
عدالت چيو ته اسپيشل ڪورٽ تي سيشڪن ڪورٽ جو ڏنل وقت لاڳو ٿيندو، اسپيشل جج سينٽرل پاليسي مينڊيٽ موجب ضمانت تي فيصلو ڪري سگهي ٿو.
عدالتي فيصلي بعد تحريڪ انصاف باني ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت بابت درخواست تي ايندڙ پنجن ڏينهن ۾ فيصلي جو امڪان آهي.- Advertisement -
