اسلام آباد هائيڪورٽ، سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين ڪجي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.
چيف جسٽس عمر فاروق جي پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل شير افضل مروت عدالت آڏو پيش ٿيو ۽ قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن عدالت آڏو پڙهيو.
پي ٽي آشءِ چيئرمين جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته قانون واري وزارت ڪهڙي قانون ۽ اختيار تحت عدالت اٽڪ جيل منتقل ڪئي؟ اسلام آباد کان ٽرائل پنجاب ڪيئن منتقل ٿي سگهي ٿو؟ اهو رڳو سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي.
وڪيل چيو ته جيڪڏهن ٽرائل جي تبديلي ڪرڻي هئي ته ٽرائل جج کان پڇڻ گهرجي ها.
ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال چيو ته جيل ٽرائل بابت نوٽيفيڪشن هڪ ڀيري لاءِ هو، نوٽيفڪيشن هڪ ڀيري لاءِ هو ته درخواست بي اثر ٿي چڪي آهي، رولز آف بزنس ۾ قانون واري وزارت وٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو اختيار آهي.
دليلن بعد عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
