- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ چيو آهي ته نگران حڪومت جي نگرانيءَ ۾ خوفناڪ نظام هلي رهيو آهي، ڇا حڪومت چونڊن کي ڊي ريل ڪرڻ چاهي ٿي؟
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ ٻين وڪيلن طرفان پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ۽ صلاح مشوري بابت درخواس تي ٻڌڻي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪئي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي پارٽي بانيءَ سان صلاح مشوري جي اجازت ڏني وڃي.
عدالت حڪم ڏنو ته سپريڊنٽ اڊيالا جيل جي نگرانيءَ پي ٽي آءِ باني ۽ چيئرمين جي ملاقات ڪرائي وڃي.
اسلام آباد هائيڪورٽ رمارڪس ڏنا ته چونڊن لاءِ صلاح مشوري جي اجازت بنيادي حق آهي، چونڊن ۾ نگران حڪومت کي اڻ ڌريو هجڻ گهرجي.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ سپريڊنٽ اڊيالا جيل عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف جون ست سئو ٽڪيٽون ورهائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪرڻا آهن.
عدالت اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل طرفان درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ جي مخالفت ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان آيل اضافي نوٽ ڇا اوهان لاءِ ڪافي نه هو؟
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته سپريم ڪورٽ بعد ڇا مون کان به پنهنجي خلاف نوٽ لکرائڻ چاهيو ٿا؟ ايڊووڪيٽ ۽ اٽارني جنرل آفيس نگران حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ اٽارني جنرل آفيس کي اڻ ڌريو هجڻ گهرجي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته نگران حڪومت جي نگرانيءَ ۾ خوفناڪ نظام هلي رهيو آهي، ڇا حڪومت چونڊن کي ڊي ريل ڪرڻ چاهي ٿي؟
اسلام آباد هائيڪورٽ چيو ته ٽڪيٽن تي پي ٽي آءِ باني ۽ چيئرمين ۾ صلاح مشورا بنيادي حق آهي.
عدالت سپريڊنٽ اڊيالا جيل جي نگرانيءَ ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ چيئرمين جي ملاقات جي اجازت ڏئي درخواست اڪلائي ڇڏي- Advertisement -
