پي ٽي آءِ چيئرمين توشا خانا ۽190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيسن ۾ پيروي نه ڪرڻ تي ضمانت واري درخواست خارج ٿيڻ خلاف اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.
درخواست ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته احتساب عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ پيروي نه ڪرڻ تي ضمانت خارج ڪري ڇڏي، درخواست آهي ته 10 آگسٽ 2023ع وارو احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
پي ٽي آءِ چيئرمين اپيل ڪئي ته درخواست تي فيصلو اچڻ تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي وڃي.
درخواست ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين نيب کي ڌر بڻايو آهي، توشا خانا ڪيس ۾ گرفتاريءَ بعد عدالت اڳوڻي وزيراعظم جون درخواستون خارج ڪيون هيون
