تازه ترين

اسلام آباد ۾ شرپسندن خلاف آپريشن کانپوءِ شهر جي مختلف رستن تان ڪنٽينر هٽائڻ ۽ صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو

- Advertisement -
اسلام آباد ۾ شرپسندن خلاف آپريشن کانپوءِ شهر جي مختلف رستن تان ڪنٽينر هٽائڻ ۽ صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان الله ميمڻ جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا کي اسلام آباد جي رستن تان رڪاوٽون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي علائقن ۾ موجود ڪنٽينرن کي هٽائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر موجب، سمورا وسيلا ڪتب آڻي فوري طور تي رستا کوليا پيا وڃن، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد شهرين لاءِ رستا کوکليا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ه شهر جي صفائي سٿرائي جا انتظاميا به فوري طور تي يقيني بڻائن. ٻئي طرف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان پي ٽي آءِ جي شرپسندن خلاف مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار ٿيلن ۾ ڪي پي ڪي جا سرڪاري ملازم ۽ پوليس اهلڪار به شامل هئا، جن وٽان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل، هٿيار، پٿر ۽ ٻيون شيون هٿ آيون. مليل ڄاڻ موجب راولپنڊي مان 4 سئو، پٿر ڳڙهه مان 410، چڪوال مان 44، مري مان 3 ۽ ميانوالي مان 8 شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي تشدد سبب رينجرز ۽ پوليس جا ڪيترائي اهلڪار پڻ سخت زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي احتجاج دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شيلنگ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جون ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون هلايون پيون وڃن، جن ۾ ڪا به صداقت ناهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل رات پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن دوران ڪنهن به قسم جي هٿيارن جو استعمال ناهي ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون