اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح کي 22 سيڪڙو واري سطح تي برقرار رکيو آهي

- Advertisement -
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکي وئي آهي. هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، هلندڙ مالي سال جي ٻي ڇهه ماهيءَ ۾ واضح طور تي گهٽتائي شروع ٿي وئي، فيبروريءَ ۾ تيزيءَ سان گهٽ ٿيڻ باوجود مهانگائي جي سطح بلند آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گوررن چيو ته سيپٽمبر 2025ع تائين مهانگائي کي 7 کان 5 سيڪڙو تائين محدو ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح برقرار رکڻ ضروري آهي. جميل احمد چيو ته زرعي پيداوار جي بحاليءَ سان معاشي سرگرمين ۾  اضافو ٿي رهيو آهي، هلندڙ مالي سال حقيقي جي ڊي پي 2 کان 3 سيڪڙو جي حد ۾ رهندي، ڪپهه ۽ چانورن کانپوءِ ڪڻڪ جو فصل به سٺو اچڻ جي اميدو آهي، ايندڙ مهينن ۾ وڏي پئماني جي مينوفيڪچرنگ ۾ بحالي جو امڪان آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
26%
5.4m/s
4%
سُومر
23 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون