تازه ترين

اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي  آهي. مرڪزي بئنڪ طرفان نئين مانيٽري پاليسي جاري ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي اسٽيٽ بئنڪ موجب ناڻي پاليسي ڪميٽيءَ پنهنجي اجلاس ۾ پاليسي ريٽ کي 250 بيسز پوائٽ گهٽ ڪري 15 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته مهانگائي اميدن کان وڌيڪ تيزيءَ سان گهٽ ٿي آهي ۽ آڪٽوبر ۾ پنهنجي هدف جي ويجهو پهچي چڪي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان جي نئين قرض پروگرام جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ غير يقيني واري ڪيفيت گهٽ ٿي ۽ تجويز ڪيل ٻاهرين رقم اچڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. مرڪزي بئنڪ ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ ڪيل سرويز ۾ ڪاروباري ادارن توڙي صارفين جي اعتماد ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پهرين چئن مهينن دوران ٽيڪس وصولي حدف کان گهٽ رهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب موجوده شرح سان معاشي استحڪام کي هٿي ۽ جٽادار بنياد تي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون