- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل نينگري فاطما ڦرڙو جو ڪيس هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ خيرپور جي سيشن جج منور سلطانه پاران راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي اماڻيل ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران نينگري فاطمه ڦرڙو جو والد نديم ڦرڙو ۽ امڙ شبنم ڦرڙو عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته خيرپور جي سيشن جج منور سلطانه پاران فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جو ريفرنس سنڌ هائيڪورٽ موڪليو هو، سيشن جج اي ٽي سي جي فيصلي تي مطئمن نه ٿيندي ريفرنس هائيڪورٽ موڪليو.
عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد سيشن ڪورٽ خيرپور جو فيصلو رد ڪندي ڪيس ٻيهر دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فاطمه ڦرڙو جي والد نديم ڦرڙو چيو آهي ته هائيڪورٽ جي فيصلي سان مطئمن آهن، سندن مطالبو آهي ته انصاف ملي، قرآن پاڪ ۾ آهي ته ظالمن کي ظالم چئجي، هي پير ناهن ظالم آهن.
سندس چوڻ هو ته ته ظالم کي سندس ڏوھه جي سزا ڏني وڃي، غريب ائين ڪري ها ته اهي پير کيس سري عام ڦاسي ڏيارن ها، ڌمڪيون به ملي رهيون آهن پر جهڪڻ وارا ناهن، انصاف لاءِ هر پليٽ فارم تي ويندا.
وڪيل چيو ته جوابدار اسد شاھه ڏوھه لڪائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ڪئي وئي جيڪا تڙي تڙپي فوت ٿي وئي، سوشل ميڊيا ذريعي ڪيس هليو ۽ جوابدر گرفتار ٿيا.
وڪيل چيو ته خيرپور جي اي ٽي سي عدالت ڪيس کي سيشن ڪورٽ موڪليو هو، جنهن تي سيشن ڪورٽ اي ٽي سي جي فيصلي تي مطئمن نه ٿيندي ريفرنس هائيڪورٽ موڪليو هو.
وڪيل چيو ته اڄ سنڌ هائيڪورٽ فيصلو ڏيندي چيو ته فريادي جو موقف ٻڌڻ لاءِ ڪيس اي ٽي سي خيرپور ڏانهن موڪليو وڃي، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته اي ٽي سي خيرپور جو فيصلو غلط آهي، فريادي ڌر کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو…….- Advertisement -
