- Advertisement -
اسپين ۾ غير قانوني پرڏيهين جي ٻيڙي ٻــُـڏڻ سبب 40 پاڪستانين سميت 50 ڄڻا ٻــُڏي فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب غير قانوني پرڏيهين جي گروپ واڪنگ بارڊرز ٻڌايو ته ٻيري اولهه آفريڪا کان اسپين لاءِ رواني ٿي هئي، 2 جنوري تي موريطانه کان رواني ٿيندڙ ٻيڙيءَ تي 86 ڄڻا سوار هئا، جن ۾ 66 جو تعلق پاڪستان سان آهي.
ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏل رڳو 36 ڄڻن کي بچايو ويو آهي.
الارم فون نالي تنظيم ٻڌايو ته 6 ڏينهن اڳ گم ٿيل بيريءَ بابت سمورن لاڳاپيل ملڪن جي اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو هو.
بيان ۾ چيو يوو ته 12 جنوري تي اسپين جي ميري ٽائم ريسڪيو سروس کي الرٽ ڪيو ويو هو، پر انهن ٻڌايو ته ٻيڙيءَ بابت ڪو به اطلاع ناهي.
واڪنگ بارڊرز جي سي اي او هيلينا مالينو ايڪس تي لکيو ته ٻڏل مسافرن ۾ 44 پاڪستاني هئا، جن ڪراسنگ تي تيرهن ڏينهن اذيت ۾ گذاريا پر کين بچائڻ لاءِ ڪو به نه آيو.
پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويل پاڪستانين کي ڪئمپ منتقل ڪيو ويو آهي، اتان جي سفارتخاني سان مسلسل رابطو آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخاني جي ٽيم متاثرن کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ رواني ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي هدايت تي متاثر کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.- Advertisement -
