تازه ترين

افغانستان کي بار بار چيو ته ٽي ٽي پي افغان ڌرتي استعمال ڪندي ته اهو قبول ناهي; وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته افغانستان کي بار بار چيو ته ٽي ٽي پي افغان ڌرتي استعمال ڪندي ته اهو قبول ناهي، هو پنهنجي دفاع جو ڀرپور حق رکن ٿا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاراچنار ۾ وفاقي حڪومت هيليڪاپٽر ذريعي دوائون پهچايون ۽ مريضن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف تيار  آهي، سندن خواهش ته افغانستان سان لاڳاپا بهتر ٿين، پر بدقسمتيءَ سان ڪالعدم ٽي ٽي پي اڄ به افغانستان مان معاملا هلائي رهي آهي. شهبازشريف چيو ته افغانستان سان ڊگهي سرحد آهي، هو چاهن ٿا ته ٻئي ملڪ معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪن، پر افغانستان مان دهشتگرد پاڪستان ۾ حملا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته افغانستان کي بار بار چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي، تنظيم کي اتان ويهي هلائيندي ته اهو قبول ناهي، هو افغان حڪومت کي چوڻ چاهي ٿو ته دهشتگردي خلاف حڪمت عملي تي ڳالهين لاءِ هو  تيار آهن ۽ ملڪي سلامتي جي ڀرپور دفاع جو حق به رکن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
45 %
1.3kmh
8 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون